”مون تي هڪ به الزام ثابت ڪيو ته ٽي وي تي اچي استعيفيٰ ڏيندس“

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مون تي ڪو هڪ به الزام ثابت ڪيو، ٽي وي تي اچي استعيفيٰ ڏيندس، حڪومت ڪوڙ ڳالهائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه پئي ڪري.

سکر ۾ نيب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ڪشمير جي ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا سچ آهي ۽ ڇا ڪوڙ آهي، ڪشمير اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي ته حڪومت کي ڀوڳڻو پوندو.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته افغانستان بابت اسان جي پاليسي واضح ناهي، جوائنٽ سيشن گهرائي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، موجوده حالتن تي حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ناهي ڪيو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده حڪومت هر ذميواري گذريل حڪومت تي مڙهيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.