”پاڪستان ڀارت جي ڪري ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهي“

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي خلاف سازش جو اعتراف ڪري ورتو، ڀارتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي ڪري ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهي ۽ ڀارتي حڪومت پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ کي يقيني بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

ڀارتي اخبار موجب ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي خلاف ڪيل سازشن جو انڪشاف جئي شنڪر ڀارتي جنتا پارٽي جي اڳواڻن جي ٿيل فارن پاليسي جي هڪ تربيتي پروگرام کي خطاب ۾ ڪيو.

پرڏيهي وزير شنڪر جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت پاڪستان کي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي گري لسٽ ۾ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن بندوبست ڪري رهي آهي. جئي شنڪر چيو ته لشڪر طيبه ۽ جيش محمد طرفان دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جو ڪريڊٽ به اسان جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.

جئي شنڪر ڀارتي سازشن کي وڌيڪ بي نقاب ڪندي چيو ته اسان جي ڪري اڄ پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل آهي ۽ اسان پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ به ڪامياب رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.