اسرائيلي ڪمپني طرفان دنيا جي اهم شخصيتن جي جاسوسي جو انڪشاف

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ڪمپني جي جاسوسي جي سافٽ ويئر جي مدد سان هزارين ماڻهن جي مبينا جاسوسي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ خابرو ادارن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪمپني جي جاسوسي جي سافٽ ويئر ذريعي سڄي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ماڻهن جي مبينا جاسوسي ڪئي وئي، جڏهن ته جاسوسي جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ 50 ملڪن تائين پکڙيل هو.

اخباري رپورٽ موجب مبينا جاسوسي دوران انهن ماڻهن جي موبائل فونز کي هيڪ ڪيو ويو، جن ماڻهن جي موبائل فونز کي هيڪ ڪيو ويو، انهن ۾ عرب ملڪن ۾ شاهي خاندانن جا ماڻهو، مختلف ملڪن جا سربراهه، وزير، مشهور ڪاروباري شخصيتون، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ استنبول ۾ قتل ڪيل سعودي صحافي جمال خاشقجي جون 2 ويجهيون عورتون به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.