پاڪستان پهريون ڀيرو  اِي اسپورٽس ۾ داخل ٿي رهيو آهي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان پهريون ڀيرو اِي اسپورٽس ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

اِي گيمنگ جي لانچنگ ۽ مقابلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اِي اسپورٽ جو پروگرام ٿيڻ تي خوشي آهي، اطلاعات واري وزارت گيرينا سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، گيرينا بيگو جي سهڪار سان فري فائر پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قومي ٽورنامينٽ منعقد ڪري رهي آهي.

هن چيو ته فري فائر پاڪستان ۾ ٿيندڙ  اِي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي، پاڪستان ۾ 567 ٽيمون ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺي رهيون آهن، ان گيم ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا انعام آهن، راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعو آهي ته ٻار 12 سالن جي عمر ۾ ڪروڙ پتي بڻجي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته هاڻي اسان جا ٻار اِي اسپورٽس ۾ حصو وٺي سگهن ٿا، ڪامياب ٿيندڙ ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي، اِي اسپورٽ ڏانهن اسان وڏو قدم کنيو آهي، ڇو ته ويڊيو گميز جي مجموعي مارڪيٽ 200 ارب ڊالر جي حد پار ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.