فيس بُڪ جو نئون دلچسپ فيچر توهان کي ضرور پسند ايندو

 

فيس بُڪ اتنظاميا ميسينجر چيٽ ڪرڻ لاءِ ورلڊ ايموجي ڊي تي نئون ۽ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو نالو سائونڊ ايموجي آهي.

هاڻي فيس بُڪ جي ميسينجر ۾ چيٽ دوران واهپيدارن جي هڪٻئي کي موڪليل ايموجي ۾ ننڍي سائونڊ ڪلپ به هوندي، ائين کڻي چئجي ته ويزول ايموجي سان گڏ واهپيدار ان جو آواز به ٻڌي سگهن ٿا.

شروعات ۾ انهن ايموجيز جي لائبريري ۾ ايول لافٽر (ٽهڪ)، تاڙين ۽ ڊرم رول جا ايموجي موجود آهن، جن ۾ آواز به ٻڌو ويندو.

ڪمپني موجب اهو فيچر واهپيدارن جي ڳالهه ٻولهه ۾ سولائي پيدا ڪندو، جنهن تحت واهپيدار هڪٻئي سان چٽي نموني پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.