فردوس عاشق اعواڻ جو خاص مددگار جي عهدي تان مستعفي ٿيڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

تفصيل موجب پنجاب جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اڳواڻ پنهنجي عهدي تان مستعفيٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب فردوس عاشق عهدو ڇڏڻ جو فيصلو مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ڪيو آهي، هن کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي آڙ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيسز کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن اليڪشن ڪميشن جي پابندين کان بچڻ جي لاءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ به ان حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي ته سيالڪوٽ جي مڪاني چونڊن جي چونڊ مهم ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ استعيفيٰ ڏينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.