ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ خطرناڪ واڌ، شرح 23 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 23 سيڪڙو کان ٽپي وئي.

صحت واري صوبائي کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4644 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1083 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ اهڙي طرح شهر ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 23.32 سيڪڙو رهي.

ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن اندر مثبت ڪيسن جي شرح 5.58 سيڪڙو ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 2.06 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سڄي صوبي ۾ اِها شرح 8.54 سيڪڙو رهي.

ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.