افغان سفير پاڪستان ۾ رهي جاچ ۾ سهڪار ڪري: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان حڪومت طرفان پنهنجي سفير کي اوچتو واپس گهرائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان طرفان پنهنجو سفير اوچتو گهرائڻ تي ڳڻتي ٿي، افغانستان کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، افغان سفري هتي رهي ۽ جاچ ۾ سهڪار ڪري.

پرڏيهي وزير شاهه محمود جو چوڻ هو ته امن جا پارٽنر بڻجڻ چاهيون ٿا، ڀارت افغانستان جي امن ۾ مسلسل رنڊڪ پيو بڻي.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان هڪ پاسي پاڪستان تي الزام هڻي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي سهڪار گهري رهيو آهي، پاڪستان پهرين ئي چئي ڇڏيو هو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.