ڊيرا غازي خان ۾ خوفناڪ حادثي ۾ 34 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

 

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 34 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

تونسا باءِ پاس ويجهو انڊس هاءِ وي تي مسافر بس ۽ آڏو ايندڙ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ڊيرا غازي خان ٽيچنگ اسپتال نيو ويو، جتي طبي عملي شروعاتي طور تي 18 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته 60 ڄڻن کان مٿي زخمين مان 16 ڄڻا علاج جي دوران فوت ٿي ويا.

اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جي ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

مقامي انتظاميا موجب حادثي جو شڪار بس سيالڪوٽ کان راجن پور وڃي رهي هئي، بس جي مسافرن ۾ اڪثريت مزدور طبقي سان واڳيل آهي، جيڪي عيدالضحيٰ جي موقعي تي ڳوٺ وڃي رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.