ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 فوتگيون، 2452 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 30 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 2452 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 49 هزار 503 ٽسيٽون ڪيون ويون جنهن مان 2452 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 30 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪالڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.95 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22811 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 91 هزار 727 تائين پهچي چڪا آهن.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 903 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 20 هزار 66 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 48850 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.