مصيبتن ۽ آزمائشن تي صبر ڪيو، هڪٻئي سان شفقت جو معاملو رکو: حج جو خطبو

 

عرفات (ويب ڊيسڪ)ڪعبت الله شريف جي پيش امام حج جي خطبي ۾ چيو آهي ته امت کي گهرجي ته هڪٻئي سان شفقت وارو رويو رکي، مصيبتن ۽ آزمائشن تي صبر ڪيو، ماڻهن تي احسان ڪندا رهو.

عرفات جي ميدان ۾ نمرا مسجد مان حج جو خطبو ڏيندي شيخ بندر بن عبدالعزيز چيو ته الله پاڪ چيو آهي ته مون کان سواءِ ڪنهن کي نه سڏيو ۽ شريڪ ڪيو، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو توهان زمين وارن تي رحم ڪيو، الله پاڪ توهان تي رحم ڪندو، امت کي گهرجي ته هڪٻئي سان شفقت وارو سلوڪ ڪري، الله جي رحمت مان اهي ئي ماڻهو مايوس ٿيندا آهن، جيڪي گمراهه هوندا آهن، رب ڪريم فرمايو آهي ته منهنجي رحمت منهنجي عذات تي غالب آهي، رسول صه جن فرمايو ته جنت ۾ الله پاڪ جي رحم ۽ فضل کانسواءِ ڪير به داخل نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته الله پاڪ جهڙي ريت توهان تي احسان ڪيا آهن، اهڙي ريت توهان ماڻهن تي احسان ڪيو، الله پاڪ جي رحمت احسان ڪندڙن جي ويجهو آهي، الله پاڪ پيءُ ماءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پيءُ ماءُ کانپوءِ مائٽن سان سٺو سلوڪ ڪيو، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته پنهنجي ملازمن سان احسان وارو رويو اختيار ڪيو، نوڪرن تي انهن جي وس کان وڌيڪ بار نه وجهو، پنهنجن حقن ۽ واعدن کي پورو ڪيو، توهان لاءِ ڪتاب ان ڪري موڪليو آهي ته جيئن توهان هدايت وارا بڻجي سگهو ۽ الله پاڪ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي سگهي ٿو، پنهنجي نفس کي ماريو، تقويٰ اختيار ڪيو، الله پاڪ جي اهڙي ريت عبادت ڪيو ته الله پاڪ توهان کي ڏسي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته الله پاڪ زمين تي فساد ڪندڙ کي پسند ناهي ڪندو، قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته الله پاڪ جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو ۽ فرقن ۾ نه پئو، پاڻ ۾ همدردي واري لاڳاپن کي قائم ڪيو ۽ وڏائي ۽ نفرت کي ختم ڪيو، معاشري ۾ برابري قائم ڪيو، الله جي رضا جي لاءِ هڪٻئي کي معاف ڪيو.

ڪعبي جي پيش امام پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله پاڪ کان ڊڄندا رهو، پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪيو ۽ پنهنجي واعدن کي الله جي رضا جي ڪري پورو ڪيو، شيطان توهان کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن الله جو فضل نه هجي ها ته ماڻهو شيطان جي پيروي ڪن ها.

هن چيو احسان اهو آهي ته توهان نماز اهڙي ريت ادا ڪيو ته توهان الله پاڪ کي ڏسي رهيا آهيو، جيڪڏهن اهو ممڪن نه ٿئي ته اهو ئي سمجهو ته الله پاڪ توهان کي ڏسي رهيو آهي، الله پاڪ جو فرمان آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس تي ظلم ڪندو آهي ته ان جي لاءِ توبهه جو دَرُ کليل آهي، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ وبا پکڙجي وڃي ته ٻاهريان ماڻهو ان علائقي ۾ نه وڃن ۽ اتان جا ماڻهو اتان کان ٻاهر نه نڪرن، سمورو حاجي پنهنجي پنهنجي علائقن لاءِ دعا ڪن، جڏهن توهان دعا گهرندا آهيو ته فرشتا فخر ڪندا آهن.

حج جي خطبي ۾ چيو ويو ته الله پاڪ تڪبر ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو، الله تعاليٰ ماڻهن سان نرم رويو اختيار ڪرڻ جو چيو آهي، الله پاڪ فرمايو آهي ته اسان توهان جي لاءِ دين ڪامل ڪري ڇڏيو، اسان کي الله جي ئي عبادت ڪرڻ گهرجي، جنهن کانسواءِ ڪير به عبادت جي لائق ناهي، پاڻ سڳورا صه آخري پيغمبر آهن، بيشڪ الله پاڪ صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي ۽ الله تعاليٰ ڪنهن جي به محنت ضايع ناهي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.