جمال شاهه ڀرسان ڳوٺاڻن جو پاڻي لاءِ مظاهرو، احتجاجي دائرو وڌائڻ جي ڌمڪي

جمال شاھه (رپورٽ: مختيار مشوري)جمال شاھه ڀرسان ڳوٺ دولت ملاح جي رھواسين اشرف ملاح جي اڳواڻي ۾ جر جو پاڻي مٺو نه هجڻ ڪري هٿن ۾ خالي ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ سميت ڀرپاسي  جي ڳوٺن حامد ڏاھري، مولا بخش ڏاهري، کٻڙ جوکيو ۾ جر کارو هجڻ ڪري 2 ڪلوميٽر پري کان پاڻي ڀري ايندا آهيون، جڏھن ته ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي ايترو ته خراب آهي جو مال به پاڻي نٿو پيئي، کاري پاڻي جي ڪري اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، مليريا، ساھ جي تڪليف، کنگھه، چمڙي سميت ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن، جڏھن ته هر اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندا اچن ٿا ۽ وڏا واعدا ڪن ٿا ته اوھان کي فلٽر پلانٽ لڳرائي ڏينداسين، پر اليڪشن کان پوءِ اھي ملڻ به پسند نه ٿا ڪن،ھنن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، ايم اين اي غلام مصطفي شاھ ۽ ايم پي اي سردار خان محمد ڏاھري کي اپيل ٿا ڪريون ته ڳوٺ کي فلٽر پلانٽ ڏئي بيمارين ۽ پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.