حيدرآباد ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر کير جي ڊيري تي ڪم ڪندڙ پورهيت نوجوان فوت ٿي ويو. قاسم آباد ٿاڻي جي حد وحدت ڪالوني وٽ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ لطيف نمبر 11 جو رهواسي 22 ورهين جو نوجوان افضل پٽ تاج محمد فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال پهتي. پوليس موجب نوجوان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو آهي. نوجوان ٽنڊو غفور شاهه جهانيان ۾ هڪ کير جي ڊيري تي ڪم ڪندو هو. فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.