پير ڳوٺ لڳ ڪار جو چنگچي کي ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل، خبرموجب، پيرجوڳوٺ شهر ٻاهران ڀٽا موڙ وٽ تيز رفتار جيپ سامهون ايندڙ چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر هنيون، جنهنڪري چنگچي رڪشا ڪلٽيون کائي کاهيء ۾ ڪري پئي. جڏهن ته 5 ڄڻا گلزار ڀاگڙي، راجا ڀاگڙي، مائي جيوڻي سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جن کي پهريان پيرڳوٺ ۽ بعد ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته چنگچي رڪشا سوار باگڙي برادري جا ماڻهو ڪچي مان پيرڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته ڄاڻايل هنڌ وٽ ساڻن حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.