تنگواڻي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ جماعت اسلامي پاران احتجاجي مظاهرو

تنگواڻي(ن ع آ) تنگواڻي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ جماعت اسلامي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، ڳهڻو پل وٽ ڳڙهي حسن فيڊر تي جماعت اسلامي جي حافظ نصرالله چنا،صابر علي،جان گل،پروفيسر حبيب الله ۽ ٻين سڪل ٻيجارو هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو  ته پاڻي کوٽ سبب پوکيل ٻيجارو سڙي پيو، زمينون بنجر ٿي رهيون آهن،مٿان پاڻي روڪي آبادگارن کي پريشانين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي، هنن چيو  ته لکين روپين جو نقصان ٿئي پيو پاڻي جي وارا بندي،غيرقانوني رول لڳائي پاڻي چوري ڪئي پئي وڃي،هنن گهر ڪئي  ته آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪري انصاف ڪيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.