ٽنڊي محمد خان ۾ نوجوان جي قتل خلاف مظاهرو

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر) ٽنڊو محمد خان ۾ چوهاڻ برادري طرفان ڪنڊيارو جي رهواسي نوجوان شاهجهاڻ چوهاڻ جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري ۾ شامل اڳواڻن محمد هاشم چوهاڻ , اميربخش , ابراهيم ، ڪوڙو , سونو چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته ڪنڊيارو ۾ اسان جي برادري جي نوجوان شاھجهان چوهاڻ کي ڳوٺ جي بااثر وڏيري تيزا هاري وحشاڻو تشدد ڪرائي قتل ڪرايو آهي ، ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ، ڪنڊيارو پوليس مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويئي آهي ، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ، آءِ جي سنڌ سميت اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.