غوثپور ڀرسان قتل ڪيل ناري جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

غوثپور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي )غوثپورھڪ ھفتو اڳ غوثپور ڀرسان ڳوٺ مارک ڀيو ۾ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار خادم ڀيو پنهنجي نوجوان گھرواري مسمات شاھدان ڀيو کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ناري جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگھي.مقتولا ناري شاھدان ڀيو جي وارثن جو انڊس هاءِ وي پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج مظاهرو. احتجاج ڪندڙن مقتولا ناري جي پيءُ محمد حسن ڀيو ۽ ڀاءُ نادر ڀيو ۽ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتولا ناري کي جوابدار خادم ڀيو پنهنجي ڀائن سان گڏجي اسان نياڻي کي ناحق ڪارنهن تهمت مڙھي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن جو ڪيس غوثپور پوليس ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي.پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.وڌيڪ مظاھرين جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي اسان جا جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري. جوابدار ساڳئي ئي ڳوٺ ۾ رھن ٿا پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.ھنن آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتولا ناري جي قتل ڪيس گھربل جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.ھنن چتاءُ ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ اوز غلام سرور ٻرڙو چيو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو جوابدار بااثر ڇو نه هجن قانون سڀ لاءِ هڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.