قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، ايس ٽي پي ۽ مغيري برادري جو نٽهڻ اس تي ڌرڻو

قمبر (  ت  ر )   قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني چورين ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف ايس ٽي پي ۽ مغيري برداري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي شهداءَ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن الله بخش جاگيراڻي، منظور مغيري،راهب مغيري ۽ ٻين چيو ته پوليس اگھور ننڊ ستل آهي ۽ شهر ڦورن حوالي ٿي چڪو آهي هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن محلي مان موٽر سائيڪلون چور ڪاهي وڃن ٿا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻجي صرف نوٽ بڪ تي وارداتون لکي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏي پئي، هن وقت تائين پوري قمبر شهر مان 25 جي لڳ ڀڳ موٽر سائيڪلون چوريون ٿي چڪيون آهن جنهن مان هڪ جي به واپسي پوليس ڪا نه ڪرائي سگهي آهي، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته چوريون ڪيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايو وڃن، قمبر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي نااهل پوليس اهلڪارن کي هٽائي اهل آفسير مقرر ڪري شهرين جي جان مال کي محفوظ بڻايو وڃي ٻئي صورت ۾ شهر اندر شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.