نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، سوڀوديرو ۾احتجاج

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ نواڙو شريف جي رھواسين سيد ليمن شاھ غلام شبير شاھ ڪامل شاھ يقين شاھ پيرعلي شاھ محرم شاھ فياض ڪمبوھيو اياز ڪمبوھيو ۽ ٻين سوڀوديرو نواڙو روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ۽ مظاھرو ڪيو ھنن چيو ته ٻه مھينا اڳ مقتول سجاد چنڊي کي پراسرار نموني قتل ڪري نواڙو شھر جي ڳتيل آبادي جي وچ ۾ ھڪ ڦٽل اوطاق ۾ ڦٽو ڪيو ويو مقتول جي وارثن بيگناھ ڳوٺ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪرائي سوڀوديرو ٿاڻي ۾ تشدد ڪرايو پر ڪابه ثابتي پوليس کي نه ملي نواڙو شھر جا ٻه نوجوان سيد محسن شاھ ٻارھن ڏينھن کان  ۽ صدام ڪمبوھيو گذريل ٻن مھينن کان پوليس عتاب جو شڪار آھن جيڪي پوليس جو بيگناھ ٽارچر سھڻ تي مجبور آھن جن وٽان به پوليس کي ثابتي نه ملي سگھي ھنن الزام ھنيو ته مقتول سجاد چنڊي جا قاتل مقتول جا پنھنجا گھر ڀاتي آھن  پوليس کي به ڄاڻ آھي پر انھن اصل بااثر قاتلن ۾ ھٿ وجھڻ لاء تيار نه آھي بيگناھن کي زبردستي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو پيو  وڃي سيد ليمن شاھ چيو گرفتار ٿيل منھنجو ڀائٽيو محسن شاھ پندرھن سورھن سالن جو آھي جنھن جون ايڪسيڊنٽ ۾ ٽنگون ٻانھون ڀڳل آھن ۽ معزور پڻ آھي ان جو پيرسن پيء ماء ۽ گھر جا ڀاتي در در قرآن کڻي مدد لاء پڪارين پيا ۽ روئي روئي بي حال ٿي ويا آھن جن جي ڪوبه مدد ڪرڻ وارو نه آھي ۽ سيدزاديون روڊن تي قرآن کڻي انصاف لاء ڀٽڪن پيون ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ وزيراعلي سنڌ پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ سيد فضل شاھ نفيسہ شاھ سيد ڪاظم علي شاھ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو مقتول سجاد چنڊي جا اصل قاتل گرفتار ڪري بي گناھ گرفتار ٿيل محسن شاھ ۽ صدام ڪمبوھيو کي آزاد ڪري انصاف نه ڪيو ويو ته پاڻ ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.