اڏيري لال ڀرسان هٿياربندن جي نوجوان کان ڦرلٽ

اوڏيرولال (ن ع آ ) اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچو ابڙا وٽان نامعلوم هٿياربندن ذوالفقار ساهوال کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موبائل فون ، موٽر سائيڪل  ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڦر واري واقعي کان حد جي پوليس لاتعلق ٻڻيل  ، ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ به ڳوٺ سيد خداڏنو شاهه فاضلاڻي موڙ وٺ نامعلوم هٿياربندن کٽون واڻيندڙ مزدورن کي ڏينهن جو يرغمال بڻائي  موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾بدآمني وڌي وڃڻ جي باوجود به پوليس ٿاڻي تائين محدود بڻيل آهي جنهن ڪري عوام راتيون ڄاڳي ۽ ڏينهن جو خوف ۾ مبتلارهڻ لڳا آهن تان جي سماڄي اڳواڻن ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حدن ۾ وڌندڙ چورين جو  نوٽيس وٺي ڪري علائقي جو امن امان بحال ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.