گهوٽڪي لڳ پورهيت تي تشدد، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان قادرپور ڳوٺ جيوڻ چاچڙ جو رهواسي عبدالعزيز چاچڙ موجب ته زمين کي پاڻي ڏئي واپس موٽرسائيڪل تي سوار ٿي گهر موٽي اچي رهيو هيس ته ٽن هٿياربندن پاران روڪي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته زخمي عبدالعزيز چاچڙ موجب ته دانهون ڪرڻ بعد ڀرپاسي جي رهواسي ڳوٺاڻن جو آواز اچڻ تي هٿياربند تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، اغوا ڪار بغير ٻٽ ٻڌل هئا جن کي مان سڃاڻي ورتو آهي ۽ جوابدار ڌڻي بخش چاچڙ،دين محمد چاچڙ،عبدالغفار چاچڙ مٿان ڪچوٻنڊي ون ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻي عبدالعزيز چاچڙ کي علاج لا ءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو سول اسپتال گهوٽڪي ۾ ڄام ڪمال چاچڙ، حامد چاچڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته عبدالعزيز چاچڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اگر ڄاڻايل جوابدارن ڌڻي بخش چاچڙ,دين محمد چاچڙ, عبدالغفار چاچڙ کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.