بدين ويجهو مئل مينهن واهه ۾پيل، انتظاميا ٻاهر نه ڪڍرائي

بدين (رپورٽ : رازقڏنو کوسو ) مين چينل لائين آر ڊي 372 وٽ مئل مينھن پاڻي اندر پيل مئل مينھن جي حالت انتھائي خراب مختلف آر ڊين وٽان مئل مينھن ڪراس ڪندي آر ڊي 372 وٽ اچي پھتي علائقي واسي مئل مينھن ڦاٽل ھجڻ سبب کيس واھ مان ڪڍي نه سگھيا آر ڊي 372 وٽ ٻڌايو ويو ته بيلدار جمن جمالي آھي پر ان به ھن مئل مينھن ڪڍرائڻ لاء ڪنھن به ڪاموري کي فون نه ڪئي مئل مينھن ايتري ته بدبو سان شاخ مان وڃي رھي ھئي جو ڀر پاسي ۾ بيٺل ماڻھون به بدبو سبب بيھ نه وي سگھيا علائقي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  اڳ ئي پاڻي تي ڪميشن ٺاھي ھئي پر ان تي به آبپاشي عملدارن ڪوبه عمل نه ڪيو شاخ تي مقرر داروغا بيلدار اڳ ئي غائب آھن جڏھن ته  مئل مينھن جن جاين تان ڪراس ڪري شاخ مان وڃي رھي آھي ان علائقن ۾ بدبو ڇانيل ھئي پر ڪنھن به ڪاموري تڪليف نه ڪئي مٿين علائقن ۾ ان شاخ جو پاڻي پيئڻ لاء استعمال ٿيڻ سبب وڏو انساني الميون پيدا ٿي سگھي ٿو علائقي واسين ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين کي فوري طور قدم کڻڻ جي گھر ڪندي آبپاشي عملدارن خلاف  ڪاروائي جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.