ميرپور بٺورو ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

ميرپور بٺورو ( ن ع آ) ميرپور بٺورو ويجهو سعيد واھ اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي م 4 ڄڻا امام ڏنو ساند، محمد عارف چانگ، عبدالرحمان ملاح ۽ شوڪت شيدي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سنڌ پيپلز ايمبولينس سروس ذريعي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد عارف چانگ کي سول ٽراما سينٽر ڪراچي ۽ شوڪت شيدي، عبدالرحمان ملاح کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.