ڳڙهي خيرو لڳ زمين تي قبضو، نوجوان کنڀي گم، احتجاج

ڳڙھي  خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو جي ڳوٺ ڇٽل جي رھواسي شفيع محمد ٻٻر ڳڙھي خيرو جي صحافين  آڏو دانھيندي  چيو آهي ته اي ايس آءِ  غلام مصطفى ٻٻر اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ،  ڪجھه ڏينهن اڳ  منھنجو  ۽ ڀائيٽو زمين تي بيٺا ھئاسين ته  اي ايس آءِ  غلام مصطفى ھٿياربند وٺي آيو،  ھن حملو ڪري 3 ڄڻن عبدالرزاق، عرفان علي ۽ ڌڻي بخش کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي اسان تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دوداپور  ٿاڻي  وياسين  تـ پوليس  اسان جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھن چيو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي واپس اچي رھيا ھئاسين  تـ اي ايس آءِ غلام مصطفى پوليس اھلڪارن  کي ساڻ ڪري منھنچي  ڀاءُ عبدالرزاق کي ساڻ ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي،  خدشو  آهي ته هو اسان جي ڀاءُ کي ماري ڇڏيندو، وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.