پير ڳوٺ لڳ ٻارڙو ڪئنال ۾وهنجندي ٻڏي فوت

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) ڪنگري لڳ معصوم ٻارڙو روهڙي ڪئنال ۾ وهنجندي ٻڏي فوت، لاش هٿ، گھر ۾ ڪهرام، خبرموجب، ڪنگري لڳ ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو جو رهواسي 10 سالا نينگر اويس احمد ولد شاهنواز ڪلهوڙو روهڙي ڪئنال ۾ وهنجي رهيو هو ته ٻڏي ويو، ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ سخت ڳولا بعد نينگر جو لاش ڪڍي گھر آندو ويو. لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.