دڙو ۽ ڀرپاسي ۾بدامني، 20 کان وڌيڪ قرباني جا جانور چوري، ڦرون به معمول بڻيل

دڙو (ن ع آ) عيد اچڻ کان اڳ دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ بدامني عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. دڙو شھر، لائقپور، ابڙال ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ وارداتن سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب نامعلوم چورن رات پ پ تعلقي ميرپوربٺورو جي انفارميشن سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ جا عيد الاضحيٰ جي قرباني لاءِ  بيٺل 02 ڀلوڙ ڇيلا چوري ڪري ويا. دڙو لڳ فاريسٽ ڪالوني ڀرسان شيخ برادري جو قرباني لاءِ بيٺل پاڏو چوري ٿي ويو. ابڙال مان ابراھيم ماڇي جو پاڏو، عبدالرحيم لاشاري جو ڇيلو، رزاق ماڇي جو قرباني جو پاڏو جڏھن ته نامعلوم چور لائقپور لڳ ڳوٺاڻي يوسف ساروٺيو جي منھن چوري ڪري ويا. عبدالخالق خاصخيلي جو ڇيلو چوري ۽ وري 5 ھزار روپيه ڀنگ ڀرڻ بعد واپس ڪيو ويو. دڙو شھر مان ھڪ ئي وقت گنجا ۽ ڀنڀرا برادري جون ٻه موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون. مليل رپورٽ موجب دڙو، ابڙال، لائقپور، ڊڀوموري ۽ آسپاس جي مختلف علائقن ۾ چورن ۽ ڦورون جا 10 کان وڌيڪ ھٿياربند ٽولا موجود آھن. جيڪي سري عام چوپائي مال، موٽر سائيڪلن جي چورين، ڦرون ۽ دوڪانن توڙي گھرن ۾ کاٽ ھڻي شريف شھرين جو رت چوسي رھيا آھن. جڏھن ته وري انھن چورن ۽ ڦورون جا سرپرست پاٿاريدار پڻ مقرر ٿيل آھن. جيڪي چوپائي مال کان ويندي ڦر ٿيندڙ موٽرسائيڪلن، چورين ۽ ڦرون ڀنگ تي موٽائين ٿا. دڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني جون وارڌاتون ۽ وري ڀنگ تي سامان موٽائڻ واري ڪاروبار ۾ وڏي تيزي اچي وئي آھي. جڏھن ته پوليس ڪنھن ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي. ٻئي طرف ھتان جي معزز شھرين ۽ ڳوٺاڻن پ پ اڳواڻ صديق ميمڻ، محمد خان ڪڇي، لائقپور جي اڳوڻي چئرمين عبدالعزيز سومرو، وفا مشتاق لاشاري، علي اڪبر ڀنڀرو، مشتاق سومرو، محمد يوسف ساروٺيو ۽ ٻين بدامني جي وڌندڙ وارداتن تي سخت تشويش جو اظھار ڪندي ان جو سڌو زميوار پوليس انتظاميا کي قرار ڏيندي چيو آھي ته علائقن ۾ پوليس جي رٽ قائم نه ھئڻ سبب ڏوھاري ٽولن شريف عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. علائقن ۾ ڏوھارين ۽ انھن جي سھولت ڪارن جو راڄ قائم ٿيل آھي. جتي ڏينھن ڏٺي ايندڙ ويندڙ ماڻھو ڦرجي وڃي ٿو. موٽرسائيڪلن تي ڏوھاري ٽولا وارداتون ڪن ٿا. چوپائي مال جي چوري به عام جام آھي. بعد ۾ پاٿاريدار ڀنگ تي ڏوھ واپس ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا. ھنن چيو ته فقط ھلندڙ ھفتي ۾ 20 کان وڌيڪ وارداتون ٿي چڪيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.