شاهپورچاڪر لڳ همراهه کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

شاه پور چاڪر(ن ع آ ) شاھپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ ٻرھون ۾ پنج ڏينھن اڳم بگٽي برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران فائرنگ ڪري قتل ٿيل 50 ورھين جي زر خان بگٽي جي ڀاء فتح خان بگٽي شاھپورچاڪر ٿاڻي تي ٻن جوابدارن عبدالرحيم دوداڻي بگٽي ۽ زرخان دوداڻي بگٽي تي ايف آئي آر نمبر2021/ 61 قلم 302-109-34ppc تحت ڪيس داخل ڪرايو شاھپورچاڪر پوليس جي ايس ايڇ او اسحاق سنگراسي ۽ سب انسپيڪٽر افتخار احمد چانڊيو  .ڇاپا ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويل ھڪ جوابدار عبدالرحيم دوداڻي بگٽي کي جام شورو مان گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي جتي جوابدار عبدالرحيم شاھپورچاڪر پوليس کي ٻڌايو تہ اسان جي بلوچستان کان پراڻي دشمني ھلندڙ ھئي اسان  اڄ موقعي جو فائدو وٺي پلاند ڪيو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.