ڌارين جي آبادڪاري تي سنڌ سرڪار ستل آهي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري جي معاملي تي سنڌ حڪومت اگھور ننڊ ستل آهي. جنهن سان سنڌي قوم جي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌندو پيو وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ ۾ وڌنڌڙ ڌارين جي آبادڪاري روڪي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون قبول نه ڪنداسين. سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ سبب ڌرتي ڌڻي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙھيل آھن. قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ  جو عوام غربت واري زندگي گذاري ٿو۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. پاڻي جي کوٽ جي ذميواري سنڌ حڪومت مٿان آهي، جو اها ارسا ۾ سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙھڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران دڙي ۽ ميرپور بٺوري ويجھو پاڻي جي کوٽ ۽ وارابندي خلاف مظاهرا ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب ميرپور بٺوري ويجھو ڄار روڊ تي پاڻي جي کوٽ خلاف قومي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرو بشير ميراڻي، سوڍل ميراڻي، اياز ميراڻي، جميل ملاح، غلام رسول چنداڻي، اسماعيل کاڙڪ، ظهير احمد چنداڻي، لياقت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيو. ان موقعي تي مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته ميرپور بٺوري جي شاخن ۾ هٿرادو پاڻي جي وارابندي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته گذريل سال مها برسات سبب فصلن جو نقصان ٿيو، جنهن جي پورائي نه ٿي آهي مٿان وري هن آبڪلاڻي جي مند ۾ پاڻي جي وارابندي ڪري هتان جي آبادگارن کي وڌيڪ تباهه ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي جي وارابندي سبب اڃان تائين سارين جو ٻيجارو نه پوکجي سگهيو آهي، هنن گهر ڪئي ته ميرپور بٺورو جي سڀني شاخن کي بنا ڪنهن وارا بندي جي پاڻي فراهم ڪري ڏنو وڃي. ھوڏانھن ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ڪارڪنن دڙو لڳ درملوڪ شاھ اسٽاپ تي قومي پارٽي جي انور خاصخيلي، آبادگار وسايو ٽگڙ ۽ گل حسن شاھ جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ وارابندي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعربازي ڪئي وئي. انھي موقعي تي انور خاصخيلي ۽ پپو شاھ چيو ته تعلقي بٺوري ۾ پاڻي جي وارابندي ڪري آبادگارن جو نقصان ڪيو ويو آھي. زميندار طبقو سخت پريشان آھي. پاڻي جي وارابندي ختم ڪري آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي. سڀ کان وڌيڪ پوڇڙ جا آبادگار نقصان ڀوڳي رهيا آهن۔ انھن اھو به مطالبو ڪيو ته محمود واھ جي موري ڪافي عرصي کان ٽٽل آھي اھا پڻ ٺھرائي وڃي. ٽٽل موري جي ڪري ڳوٺاڻن کي مشڪلات آھي، موري ٺھرائي سھولت ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.