ڀٽ شاهه لڳ نوجوان ماءُ کان ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڀٽ شاهه (ن ع آ ) ڀٽ شاھ ڀرسان ڳوٺ وسي مراد شاھ ۾ نوجوان مبشر علي ولد دودو جوڻيجو گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو نوجوان کي زخمي حالت ۾  ڀٽ شاھ آندو ويو جتان نوجوان  کي انتهائي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان پوليس انسپيڪٽر دودو جوڻيجو جو فرزند آھي ايس ايڇ او ڀٽ شاھ جو چوڻ آھي ته نوجوان  ماءُ سان جهڙي کان پوء ڀرسان ئي چاچي جي گهر وڃي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي وارث ڪا به قانوني ڪاروائي ڪرائڻ لاء تيار ناھن لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آھي  وارثن تحريري طور لکي ڏنو آھي ته ھو ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاھين ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو لاش سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.