گهوٽڪي: ٽارچر سيل ۾ باندي بڻايل 5 ڄڻا آزاد نه ٿيا، احتجاج، ايس ايس پي نوٽيس ورتو

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مهر )  گهوٽڪي لڳ قادرپور ۾ پوليس پاران هڪ وڏيري جي اوطاق ۾ قائم ڪيل نجي ٽارچر سيل جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد گهوٽڪي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، نجي ٽارچر سيل ۾ بنا ڪيسن جي قيد 5 پورهيت گذريل هڪ هفتي کان قيد ،  ميڊيا جي ٽيم پاران اهڙي نجي ٽارچر سيل کي وائکو ڪيو، جنهن بعد خبرون هلڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي جاڳي پيو ۽ پوليس اهلڪارن خلاف بروقت ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ  صرف جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو  هوڏانهن نجي ٽارچر سيل ۾ قيد بڻيل پورهيت کي پوليس آزاد ڪرڻ بجاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پوليس وٺ قيد گل حسن مهر جي وارثن قلندر بخش مهر ۽ ٻين پريس ڪلب گهوٽڪي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ماٿيلو مومل جي ماڙي ۽ گهوٽڪي پوليس اسان جي پورهيت گل حسن کي هڪ هفتو پهرين بلاجواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو جيڪو گذريل ڏينهن ميڊيا جي ٽيم سان چارچر سيل وائکو ٿيو ، پر پوليس اسان جي پورهيت کي آزاد نه ڪيو ، هاڻ گهوٽڪي ٿاڻي جو ايس ايڇ او عطر حسين چنه اسان کان پورهيت جي آزادي لاءِ 50 هزار طلب ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته اسان جي پورهيت مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي پر پوليس ظلم پئي ڪري، ان موقعي تي وارثن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا گهوٽڪي پوليس ظلمن جو نوٽيس وٺي، قيد پورهيتن کي آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.