نئون آباد ڀرسان پرڻيل ناري زهر پي انت آندو

نئون آباد (ن ع آ) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پنج دري ۾ پرڻيل  22 سالن جي نوجوان ناري ثمينا ڌي محمد اسلم شيخ مبينا طور پنهنجي گهر اندر گهرو پريشانين سبب زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل هيٺ وٺي تعلقا اسپتال ٽنڊوآدم آندو ۽ لاش جي لاء پوسٽ مارٽم ليٽر جاري ڪيو ته وارثن پاران واقعو اتفاقي ڄاڻيندي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن دوران پوليس جي ليٽر جاري ٿيڻ تي تي پوسٽ مارٽم جي ضروري  ڪاورائي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ليڊي ڊاڪٽر نزهت ولي ٻڌايو ته لاش جي چڪاس ڪرڻ لاء جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويندا  جنهن بعد تفصيلي رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو,وارثن جو چوڻ هو ته گهر ۾ اهڙو ڪو مسئلو به ڪونه هو فوتي ناري پنهنجي مڙس سان رات به پنهنجي عزيزن وٽ وئي هئي واقعي بعد کيس ڪنڊياري اسپتال نيو ويو جتان کيس نواب شاه نيڻ لاء سانگهڙ رستي ۾ دم ڏنو آهي جڏھن ته فوتي عورت جي وارثن ۾ سندس ڀاء ذوالفقار ٻڌايو ته مامعلو اتفاقي آهي ليڪن پوليس شڪ پوڻ تي پوسٽ مارٽم جي ڪاروائي ڪرائي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.