نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، ڀان سيد آباد ۾ جمالي برادري جو ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ : آدم مينگل  ) ڀان سيدآباد ۾ جمالي برادري پاران نوجوان اسلم جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جمالي برادري جي ماڻهن مقتول نوجوان اسلم جمالي جي والد سلطان جمالي، چاچي عباس جمالي، نواب جمالي ۽ ٻين جمالي ڪالوني کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي،ريلي دوران نوجوان اسلم جمالي جي قتل سان انصاف ڪريو، قاتلن کي گرفتار ڪريو ۽ ڀان پوليس خلاف جذباتي نعرا هنيا ويا،ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته نوجوان اسلم جمالي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر ڀان سيدآباد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ  سندن ساٿاري بڻيل آهي،ايس ايڇ او ڀان مظهر نائچ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي کين رعايت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا زيادتي آهي، هنن چيو ته نوجوان اسلم جمالي جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وڏو ظلم ٿيو آهي،انصاف ڪيو وڃي، وڏو وزير، آءِ جي سنڌ ايس ايڇ او کي هٽائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.