گهوٽڪي لڳ ٻارڙي جو رشتو نه ڏيڻ تان اغوا ڪوشش، احتجاج

گهوٽڪي( ڊ ر )  گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ لغاري جي رهواسين قبول احمد لغاري،مسمات بصران خاتون، مسمات خالده خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جو بااثر وڏيرو محمد شريف لغاري پنهنجي 35 سالن جي پٽ فاروق احمد لغاري سان شادي ڪرائڻ لاءِ هن جي 10 سالن جي ڌيءَ رحيمان خاتون جو رشتو زبردستي وٺي رهيو آهي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته انڪار ڪرڻ تي پوليس معرفت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي هنن جي نوجوان احسان علي لغاري کي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪرائي ڇڏيو آهي. مظاهرين الزام هنيو ته معصوم نينگري رحيمان خاتون کي اڄ صبح جو گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دانهن تي ڀرپاسي جي رهواسي ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي فرار ٿي ويا.احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيرو محمد شريف لغاري غريب ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،

پوليس معرفت ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.