سنڌ پوليس قانون ۾ سڌارا تعريف لائق آهن

صوبائي حڪومت گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ پوليس جي قانونن ۽ قاعدن ۾ سڌارا ڪري رهي آهي، جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تعريف جوڳي آهي، هاڻي سنڌ ڪابينا آءِ جي پوليس جي سفارش تي پوليس قانون 1934ع جي آرٽيڪل 26 ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن بعد ڪنهن به شخص جي خلاف رڳو هڪ ايف آءِ آر جي بنياد تي گرفتار ڪري نه سگهيو، ترميم بعد جيڪا نئين شق سامهون آئي آهي ان موجب ڪنهن به شخص کي پوليس تڏهن گرفتار ڪري سگهندي جڏهن ان جي خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ جيڪو الزام صادر ڪيو ويو آهي، پوليس ان جي مڪمل چانچ ڪري پڪا ثبوت هٿ نه ٿي ڪري، ان بعد لاڳاپيل تفتيشي پوليس اهلڪار کي پڻ پنهنجن اعلى اختيارين کان اجازت وٺي الزاميل شخص کي گرفتار ڪري سگهندي.

سنڌ ڪابينا پاران پوليس قانون 1934ع ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي آهي، سچ ته سنڌ ڪابينه جو اهڙو عمل تاريخ ساز هوندو، اسان اڳ سنڌ ڪابينا جي پوليس قانونن ۾ جيڪا سڌارا ڪيا هيا، انهن جي تعريف ڪئي هُئي ۽ هاڻي به تعريف ڪنداسين، جيتري قدر سنڌ ڪابينا پاران ڪيل ترميم جو سوال آهي ته ان ترميم بعد ڪجهه سوالن جو اڀرڻ فطري ٿي پئي ٿو، مثلن جنهن شخص خلاف ڪو الزام آهي، ان الزام جي ايف آءِ آر ته داخل ٿيل آهي، پر ان کي گرفتار ڪري نه ٿو سگهجي، ته ڇا ان ايف آءِ آر ۾ جيڪو الزام لڳل آهي ان الزام جي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس وٽ ڪارگر اهلڪار آهن، ڇا سنڌ پوليس وٽ ”فورنسڪ“ جانچ لاءِ ڪي جامع قسم جي ليبارٽري آهي، ڇا پوليس کاتي وٽ اهڙو ڪو ادارو آهي جيڪو اعلى قسم جي ” ڊڊيڪٽو  آفيسر“ پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي تربيت ڏئي.

سنڌ ڪابينا جي اهڙو فيصلي سان هڪ طرف معاشري ۾ شهرين کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ملندو ۽ ٻئي طرف وري اهو امڪان به ضرور پيدا ٿي پوندو ته جيڪي ماڻهو واقع ڏوهه ڪن ٿا انهن جي ڏوهه جي مناسب ۽ جامع جاچ نه ٿيڻ ڪري انهن تي اصولي طور تي ڏوهه ثابت نه ٿو ٿئي نتيجي ۾ اهي آزاد ٿي ويندا. سنڌ ڪابينا جي اهڙي فيصلي جو ڪارائتو ٿيڻ جو دارومدار رڳو ان ڳالهه تي آهي ته ” انويسٽيگيشن آفيسر“ ڪيتري قدر لائق آهي، هاڻي سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه تي زور ڏيڻو آهي ته پوليس کاتي ۾ موجود ” انويسٽيگيشن آفيسرن“ کي وڌ ۾ وڌ ڪارگر بڻائي ۽ انهن جي تربيت جو ڪو جوڳو ۽ مناسب انتظام ڪري.

سنڌ ڪابينا پاران پوليس قانونن ۽ ضابطن ۾ جيڪي سڌارا ڪيا پيا وڃن ان ڏس ۾  اسان اڳ به اهڙن سڌارن جي ساراهه ڪري چڪا آهيون، پر اڳ به ۽ هاڻي به اسان جو چوڻ اهو ئي آهي ته بنيادي قانونن ۾ تبديلين جو سلسلو ڀل شروع ڪريو، پر انهن تبديلين کي دور رس، مستقل ۽ مفيد بنائڻ لاءِ جيستائين پوليس کاتي ۾ ڀرتين کي انهن تبديلين جي پٽاندڙ نه بڻايو ويندو، جيستائين پوليس تربيت جو سلسلو انهن تبديلين جي نتيجا حاصل ڪرڻ جي نسبت سان نه هوندو، جيستائين پوليس ٿاڻن تي مقرر اهلڪارن کي قانوني تربيت ان پٽاندڙ نه ڪئي وندي تيستائين اسان ان خيال جا آهيون ته سنڌ ڪابينا پاران جيڪي به سڌارا ڪيا ويندا اهي بي سود ئي رهندا.

 

لائيو اسٽاڪ جي زمين تي قبضي جو معاملو

 

سنڌ جي وڏي وزير ڪورنگي جي ڪيٽل فارم تي قبضا ڪري رهائشي ڪالونيون جوڙڻ واري شڪايت تي نوٽيس وٺي انتهائي ڦڙتيءَ سان ڪارروائي ڪندي ٽن صوبائي وزيرن عبدالباري پتافي،مخدوم محبوب الزمان ۽ مڪيش ڪمار چاولا تي ٽيم جوڙي فوري ڪارروائي ڪرڻ ۽ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جن بعد ۾ جانچ ڪري سنڌ ڪابينا کي اها رپورٽ ڏني آهي ته سرڪاري زمينن تي ڪوبه قبضو نه ٿيو ۽ ڪيٽل فارم جي زمين کي چئوديواري ڏنل آهن، ۽ سرڪاري زمين تي ڪابه رهائشي ڪالوني نه جوڙي وئي آهي.

اسان سنڌ جي وڏي وزير جي اهڙي قدم جي ساراهه ڪيون ٿا، پر سوال هي آهي ته سنڌ حڪومت جي لائيوکاتي جي زمين رڳو ڪراچي ۾ نه آهي پر سموري سنڌ ۾ آهي، هن مامري کان اڳ به خاص ڪري ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ مان اهڙي خبرون اينديون رهيون آهن ته انهن علائقن ۾ جانورن جي چراهه گاهن تي علائقي جي بااثر مانهن جا قبضا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي اهي سوين ايڪڙن تي مشتمل چارهه گاهه رڳو ڪجهه ايڪڙن تي بچيا آهن ، جڏهن ته انهن مان ڪافي چراگاهن جو ڪو نالو نشان به نه رهيو آهي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٺٽي ۽ بدين ۾ موجود زمينن تي پڻ قبضا ٿيندا رهيا آهن، اسان هن موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي اها به گذارش ڪرڻ چاهينداسين ته سموري سنڌ ۾ جتي به چراهه گاهن، لائيو اسٽاڪ کاتي جي زمينن يا ٻي اهڙي ڪنهن به منصوبي جيڪو جانورن جي سار سنڀال، انهن جي نسل جي واڌ ۽ تحفظ لاءِ جوڙيل هيا پر بعد ۾  هي بند ٿي ويا ۽ انهن جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو، مجموعي طور تي هن پس منظر ۾ سموري سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو ايندڙ وقتن ۾ سنڌ حڪومت کي اهڙن اڪيچار ادارن جي ضرورت پوندي جيڪي چوپائي مال جي سار سنڀال ۽ نسل جي واڌ ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ هوندا ۽ اسان وٽ ان وقت اهڙن ادارن جي قيام لاءِ زمين نه هوندي، تنهنڪري ڪورنگي ڪيٽل فارم واري خبر کي سموري سنڌ جي پس منظر ڏسي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.