سڪرنڊ ۾ٽن ٻارن ۽ عورت جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

سڪرنڊ (رپورٽ : لطيف جمالي ) هڪ مهينو اڳ سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ سيد وريل شاھ  جي رھواسي پورھيت بي زبان اعظم خاصخيلي جي گھرواري ۽ ٽن ٻارن کي مبينا اغوا خلاف سنڌ سجاگ فورم جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ جي مختلف تنظيمن پاران مجيد عباسي ,شاھ سچل سامي فائونڊيشن جي چيئرمين لالا ارشد خاصخيلي, آبادگار اڳواڻ رضا محمد چانڊيو, ايس ٽي پي اڳواڻ ايوب کوسو, گل سنڌي, ايس يو پي اڳواڻ شھمير جمالي ,جمعيت علمااسلام نوراني اڳواڻ مير محمد حسيني ,شھري اتحاد جي احسان شاھ ,قطب الدين شاھ, سنڌ ڪلچرل فورم جي اڳواڻ سارنگ ملاح  ,عورت فائونڊيشن جي چيئرمين خير محمد چنا ,جماعت اسلامي اڳواڻ راشد مکرم, مسلم ليگ ن اڳواڻ امجد خانزادو ۽ شمشاد ملاح علي شير ڪيريو جاويد علي سومرو الھ رکيو سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ت غريب پورھيت ھڪ گونگي شخص اعظم خاصخيلي جي گھرواري ۽ سندس ٻارن کي بااثر ڌر پاران اغوا ڪيو آھي ڪافي وقت گذرڻ باوجود پوليس بازيابي ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آھي. جڏھن ت اغوا ڪندڙ خلاف ايف آء آر پڻ داخل ڪرائي وئي آھي ان باوجود به ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آ ھنن احتجاج ڪندي آئي جي سنڌ, ڊي آئي جي  ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته  پورھيت جي گھرواري ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.