سالن کان عذاب ڀوڳيندڙ گلاب لغاري جو عوام!

يوسف لغاري

سنڌ ۾ اليڪشنون ته سالن کان ٿينديون پيون اچن اليڪشن جمھوريت جو حسن به آهي پر ڇا اسان وٽ بھترين جمھوريت آهي يا بدترين ؟ ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھتي جي عوام ھميشه جمھوريت کان وڌيڪ آمريت جي دور کي بھترين ڪري ڪوٺيو  آهي ان جا کوڙ سارا سبب آهن جن مان ھڪ ته عوام جي جان مال جو تحفظ ترقياتي ڪمن جو وڌيڪَ ٿيڻ!

مان نٿو چوان ته جمھوريت خراب آھي آمريت بھترين آهي پر اھا ڳالھه  به وسارڻ جھڙي ناھي ته عوام صرف ان کي ياد ڪندو آھي جيڪي انھن کي سھولتون مھيا ڪن ٿا اسان جي قوم جي ماڻهن کي اھا به خبر ناھي ته جمھوريت ۽ آمريت ۾ ڪھڙو فرق آهي ھو ته صرف ھڪ ڳالھه کي نوٽ ڪندا آھن ته سستائي ڪنھن جي حڪومت ۾ ھئي اھا سروي ٿيل آھي ۽ ھينئر جيڪڏھن سروي ڪئي وڃي ته ماڻھو مشرف جي دور کي بھترين ڪوٺين ٿا بهرحال مان پنھجي علائقي گلاب لغاري جي ڳالھه  ڪيا ٿو پي ايس تڪ ماتلي جي جتي ھر اليڪشن ۾ پي پي کان سواءِ ڪنھن به پارٽي ڪاميابي ناھي ماڻي ان جي باوجود به گلاب لغاري شھر سميت ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ناھن ڪرايا ويا ھتي جي عوام سان ويساھ گهاتيون ڪيون ويون آهن ڳوٺ کنڊرن جو ڏيک ڏين ٿا روڊ رستا ٽٽل ڦٽل جنھن تي سفر ڪرڻ اذيت کان گھٽ ناھي تعليم صحت مٺي پاڻي جھڙيون اھم سھولتون کان به ھتي جي عوام کي محروم رکيو ويو آهي ايتري قدر جو ھتي جي عوام لاءِ  زراعت به ھڪ خواب بڻيل آھي سال ۾ صرف وسڪاري جي موسم ۾ ٽي مهينا پاڻي اچي ٿو باقي نئون مھينا ھتي جي زمينن مان ڌوڙ اڏامي ٿي ان کان وڌيڪَ ٻي ڪا ناانصافي ٿيندي ماڻھن جي جياپي جو سھارو زراعت کان محروم رکيو ويو آهي  جنھن علائقي کي زراعت لاءِ  به پاڻي مھيا نه ڪيو وڃي اتي جيئاپي لاءِ  ڪيترا جتن ڪرڻا پوندا آهن ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ اتي اذيت جو پيمانو ڇا ھوندو شايد ھي چونڊيل نمائندا ڪڏھن به سمجھي ناھن سگهيا يا انھن سمجھڻ جي زحمت ئي ناھي ڪئي  اليڪشن جي وقت ايندڙ نمائندن کي ھتي جا ماڻھو ھڪ ئي مطالبو ڪن ٿا ته اسان کي صرف شاخن ۾ پاڻي ڏنو وڃي وڏا واعدا ڪري وري ھتي جي عوام جي سار به نٿا لھن جنھن جي ڪري ھتي جو عوام بک بدحالي سان جنگ ڪري رھيو آھي

ان ۾ ڏوھ ھتي جي عوام جو چئبو يا ان نمائندن جو جيڪي ھر دور ۾ ھتي جي ماڻھن کي لولي پوپ ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن اھي سلسلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندو پيو اچي اسان اھا قوم آھيون، جيڪي اڌ کان وڌيڪ زندگي تجربن ۾ گذاري ڇڏيندا آھيون  ته پويان چونڊيل نمائندا سھي نه ھئا ھينئر وارا متان سھي ھجن  وري جي ڪنھن ايم پي اي ٿوري گھڻي ڪا عنايت ڪئي ته ڪجھه  ماڻھو ان ڪم کي سالن تائين پيا ڳائيندا آهن ھڪڙي ڳالھه  اسان کي ذھن نشين ڪرڻي آھي ته ڪو. به ايم پي اي يا ايم اين اي جيڪڏھن ڪا اسڪيم ڏي ٿو ان جو اسان تي ٿورو ناھي ھوندو اھو نه ئي پنھجي کيسي مان ڏي ٿو ۽ نه ئي ان جي ذاتي پراپرٽي ھجي ٿي  ان جو مطلب ائين ئي آهي جئين اسان اي ٽي ايم مان پيسا ڪڍرائي اي ٽي ايم جو ٿورو مڃيون اٽي ۾ لوڻ برابر جيڪي پيسا اسان تي خرچ ڪيا وڃن ٿا اھي اسان جا ئي ھوندا آھن اسان ھر شيءِ جيڪا خريد ڪندا آھيون ان ۾ ٽيڪس ڏيون ٿا اسان جو قانوني  رائيٽ آھي.

ووٽ ڏيڻ کان پھرين اسان کي اھيو ضرور سوچڻ گھرجي ته ھي رڳو پنج سال جو سودو ناھي ھوندو پر ھي پنج نسلن جو سودو آھي پر جيڪا قوم پنھجي مقصد کان ئي لاعلم ھجي ان جا فيصلا نسلن جي تباھي جو ئي سبب بنجن ٿا اسان کي پنھجي تڪ جي حالت مان سبق سکڻ گهرجي ته گذريل سالن ۾ ھتي جي ماڻھن جي ڪھڙي تقدير بدلي آهي ھتي جا مزدور ھاري ڪالهھ به بدحال ھئا اھي اڄ به بدحال آھن گلاب لغاري جي ڳوٺن جي حالت بارشن کان پوءِ ايتري ته خراب ٿي ويندي آهي جو اھي ھفتن جا ھفتا گھرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن بارش خدا جي رحمت ھجڻ جي باوجود به چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي جي ڪري اھا زحمت بڻجي پوي ٿي مڇرمار اسپري لاءِ  به احتجاج ڪرڻا پوندا آهن ته پوءِ ڳوٺن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ  اسان کي ڪيتري جدوجھد ڪرڻي پوندي پر ڇا ڪجي سڀ لکي جو ليک چئي پنھجي ذميوارين کان لھرائي شعور کي سمھاري لاشعور بڻجي پنھجي ذميوارين کان پاسيرا ٿي ويندا آھيون طور سمھي پوندا آھيون کڻي ائين چئجي ته ھتي جي ماڻھن جي زندگي به جئين تئين جي فارمولي تحت گذري رهي آهي ڪنھن دؤر ۾ خوشحال رھندڙ ھي علائقو اڄ بنجر بڻيل آھي احساس محرومي مقدر بڻجي چُڪي آهي ڪڏھن ڪڏھن مان سوچيندو آهيان ته ڪي قومون صرف ردي جئيان  استعمال ٿينديون آهن انھن کي صرف ووٽ ڏيڻ تائين ئي محدود ڪيو ويندو آهي.

گلاب لغاري ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ماڻھن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ان جو قصور وار ڪنھن کي ٺھرائجي جن ھتي جي ماڻھن کي جديد دؤر ھجڻ جي باوجود به پٿرن جي زماني جئيان زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي

ھينئر تازو ئي ماتلي جي تڪ تي خالي پيل سيٽ تي  ٻيهر چونڊ ڪرائي وئي آھي جنھن ۾ پي پي جو ڏاڏا محمد ھاليپوٽو ڪامياب ٿيو آهي ڪجھه  سوال ذھن ۾ اڀرن ٿا ته ڇا ھي ماضي ۾ چونڊيل نمائندن جيئان اسان جو تجربو ته ناھي يا ھي به چونڊيل نمائندن جي تاريخ کي برقرار رکندي ٻين جيئان پنھجو مدو پورو ڪندو اھو وقت ئي فيصلو ڪندو ڏاڏا محمد ھاليپوٽو ۾ ھزارين ماڻھن جون اميدون لاڳاپيل آهن ھتي جا سوين ڳوٺ ڏاڏا محمد ھاليپوٽو جي ڌيان جي منتظر آھن ھتي جا غريب ٻار اسڪول وڃڻ لاءِ  راھون تڪي رھيا آھن ھتي جا ويران ٿيل اسڪول استادن جا منتظر آھن ھتي جون ٻنيون سيراب ٿيڻ لاءِ  پاڻي پڪاري رھيون آھن  ھتي جا بيمار ماڻهو اسپتال ۾ سھولتن جي ڳولا ۾ نڪتل آھن جن کي سندس پارٽي جي ماڻھن وساري ڇڏيو آھي ان ويسر جي ڪري ھتي جا ماڻھو اذيت ۾ مبتلا آھن

اميدن ۽ خوابن تي ڪا به پابندي ناھي اسان صرف تجربن لاءِ  ئي پيدا ٿيل آھيون ھاڻ ڏسجي ته چونڊيل نمائندا ھتي جي ڳوٺن کي سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ  ڪيترا سرگرم رھن ٿا ۽ ماڻھن جي اميدن تي ڪيترو لھن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.