چئُه! جو توکي چوڻو آ……

خط جي متن سان اداري جو متفق هئڻ ضروري ناهي

تعلقي نصيرآباد جي زمينن کي پاڻي ڏيو ھونئن ته سنڌ جي ماڻھن سان نئين سج نوان سور ۽ اھنج آھن جيڪي پڻ ھاڻي ڄڻ ته انھن جي ازل جو لکيل مقدر بڻجي ويا آھن ڪڏھن ڌرتي جي مظلوم بي سھارا ڌرتي ڌڻين سان تعليم صحت ۽ روزگار جھڙي بنيادي مسئلي ۾ انھن سان ويساھ گھاتيون ته ڄڻ مسڪين ماروئڙن لاءِ ڄڻ ته ديواني جو خواب بڻجي ويو آھي. ھڪ ٻيو اھم ۽ بنيادي مسئلو جيڪو انھن مسڪين محنت ڪش سنڌ جي ھاري سان تعلق رکي ٿو جيڪو ھاري پگھريل جسم ڦٽيل پيرن ۽ محنت ڪش مقدس ھٿن سان بي جان ڌرتي جي سيني کي چيري پنھنجي محنت سان ان ۾ حرارت پيدا ڪري ان مان اناج پيدا ڪري ٿو جڏھن ته ملڪي خزاني ۾ سنڌ جي زراعت منجھان وڌ مان وڌ ٽيڪس پڻ سنڌ ئي ادا ڪري ٿي پر افسوس جو شھيدن جي شھر لاڙڪاڻي جي تعلقي نصيرآباد سان اھا وڏي ويڌن آھي جو اڃان تائين تعلقي نصير آباد جي اتر طرف ڳوٺ گاجي کھاوڙ تائين 60 کان مٿي ڳوٺن جي ھزارين ايڪڙ زمينن کي اڃان تائين سارين جي پوک لاءِ پاڻي نه ملي سگھيو آھي جتي ھزارين ايڪڙ زمين سڪي وئي آھي ۽ ھتان جو ھاري ويھن سالن کان اقتدار ۾ ويٺل حڪمران جماعت کان پاڻي جو منتظر آھي ته جيئڻ ھو پنھنجي ٻچن لاءِ لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور نه ٿئي۔ لاڙڪاڻي مان چونڊيل آبپاشي وزير سھيل انور سيال صاحب سيڪريٽري آبپاشي ۽ ضلعي جي عملدارن کان مطالبو ٿو ڪجي ته خدارا اسان جي حال تي رحم کائي اسان جي زمينن کي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئڻ اسان پنھنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ ڪو ڏيئو ٻاري سگھون۔ ساجد حسين کوسو/نصير آباد

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.