ٽنڊي الهيار لڳ عورت سان مبينا لڄالٽ، پوليس جوابدار نه پڪڙيا، احتجاج

حيدررآباد (رپورٽر)  ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ بڪيرا شريف جي رهواسڻ مبينا اجتمائي ڏاڍائي جو شڪار انيلا ملاح ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙھيو آھي تھ  24 جون تي ڄاموٽ فارم ريڇل ۾ ٻني تان گاھھ کڻي وڃي رھي ھئي تھ کيس اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنھن دوران رڙين تي اتي موجود ڪجھھ عورتون پھچي ويون ۽ جوابدار فرار ٿي ويا. ھن چيو تھ ڄاڻايل واقعي خلاف حد جي ٿاڻي بڪيرا شريف تي جوابدارن گلشاد ملاح ۽ جاويد دل خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، پر پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي زيادتي بدران زيادتي جي ڪوشش جي ايف آءِ آر داخل ڪئي، ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ بھ پنھنجي مرضي موجب ٺھرايو ويو. ھن  چيو تھ پوليس جوابدارن کي گرفتار نھ ڪري رھي آھي ۽ جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن.  ھن وس وارن کي اپيل ڪئي تھ  جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس دوران انيلا ملاح جو والد ابراھيم ملاح پڻ موجود ھيو. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.