اومان ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ 24 جولاءِ تائين واڌ

مسقط (م ڊ ) اومان ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ لاڳو لاڪ ڊائون ۾ 24 جولاءِ تائين توسيع ڪئي وئي آهي، ميڊيا رپورٽن وجب ڪورونا وائرس لاءِ ڪم ڪندڙ سپريم ڪميٽي ڪورونا وائرس کي ڦلجڻ کان روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ توسيع ڪئي آهي،ڪميٽي ان کان اڳ فيصلو ڪيو هو ته عيد جي نماز،عيد کان اڳ روايتي بازار ۽ ٻين اجتماعن تي پابندي هوندي،عيد اجتماع ،عيد جي مبارڪ لاءِ هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ ۽ اجتماعي طور تي عيد ملهائڻ تي پابندي هوندي،واضع رهي ڪميٽي سنگاپور ۽ برونائي مان اومان ايندڙ ن جي سفر تي پابندي (اڄ)19 جولاءِ کان ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارت ۾ طوفاني برسات، گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تيز برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڀارتي شهر ممبئي جي ڀرپاسي ۾ ٻه گهر پٽ پئجي ويا، جنهن جي 0نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مقامي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ امدادي ڪارڪن دٻجي ويلن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ اختيارين وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ممبئي ۾ تيز برساتن سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، جڏهن ته لوڪل ٽرين سروس به سخت متاثر ٿي آهي.

آمريڪا ۽ اسرائيل وچ۾ هوائي دفاع جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو

ولاريل بيت المقدس (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل وچ۾ هوائي دفاع جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو ويو آهي،ميڊيا رپورٽن موجبمعاهدي هيٺ آمريڪا ۽ اسرائيل هوائي آپريشنز ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪندا، اسرائيلي فوج جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ۾ گڏيل دفاع ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو هوائي دفاعي نظام آئرن ڊوم کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ اسرائيل جي مدد ڪندو.

آمريڪا ۾ بيس بال اسٽيڊيم ٻاهران فائرنگ، 4 ماڻهو اجل جو شڪار

واشنگٽن ( م ڊ) واشنگٽن ۾ بيس بال اسٽيڊيم ٻاهران فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب پوليس ترجمان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن بيس بال اسٽيڊيم ٻاهران  چئن ماڻهن تي فائرنگ ڪئي وئي  جنهن جي نتيجي ۾   ٻه ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿيا جن ۾ هڪ عورت شامل آهي،هن ٻڌايو ته فائرنگ وقت اسٽيڊيم ۾ واشنگٽن جي شهرين ۽ سان ڊياگو پيڊريس وچ۾ ميچ هلي رهي هئي جنهن کي فوري طور تي روڪيو ويو ۽ تماشائين کي اسٽيڊيم مان ٻاهر آندو ويو،واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن بابت عوام کي جلد آگاه ڪيو ويندو.

سعودي عرب ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي

رياض (م ڊ ) سعودي عرب ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي،ميڊيا رپورٽن موجب صحت واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پرڏيهين سميت 2 ڪروڙ 20 لک  ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جي پهرين خوراڪ لڳائي وئي آهي،وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ 587ڪورونا ويڪسين مرڪزن ذريعي شهرين ۽ پرڏيهين کي بلڪل مفت انجيڪشن لڳايا ويا آهن،وزارت شهرين ۽ پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي ته جن ويڪسين نه لڳرائي آهي اهي صحت ايپ ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائن، واضع رهي ته سعودي عرب ۾ ٻي خوراڪ جي مهم شروع ٿي چڪي آهي.

حاجين جي رهنمائي ۽ ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ  لاءِ روبوٽ مقرر

مڪو شريف (م ڊ ) سعودي ٽيلي ڪام گروپ ايس ٽي سي حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ جديد روبوٽس جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ٽيليڪام گروپ ايس ٽي حج پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ ٻن قسمن جا روبوٽ تيار ڪيا آهن انهن مان هڪ قسم ۾ ٿري ڊي ٽيڪنالوجي وارا انتهائي حساس ڪيمرا،اسڪرين ۽ مائيڪرو فون ليس آهن،جيڪي حاجين جي رهمنائي ڪندا ۽ مشورو ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.ٻين روبوٽس کي حاجين کي ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ تيار  ڪيو ويو آهي.

پانامه ۾ 6.1 شدت جو زلزلو

پانامه سٽي (م ڊ ) پانامه جي ڏکڻ طرف سامونڊي ڪناري واري علائقي پرپانٽا بريڪا ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن،آمريڪي جيولوجيڪل سروي جي رپورٽ موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.1 ريڪارڊ ڪئي وئي،زلزلي جو  مرڪز پانامه سٽي کان 130 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ طرف 9.09 ڪلو ميٽر زمين جي گهرائي ۾ هو،زلزلي سبب ڪنهن به جاني مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

سعودي عرب 25 جولاءِ کان عمري جي اجازت ڏئي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) حج بابت سعودي عرب جي نائب وزير اعلان ڪيو آهي ته حج کانپوءِ 25 جولاءِ کان عمري جي اجازت ڏني ويندي. اعلان موجب روز 20 هزار زائرين کي اجازت ناما جاري ڪيا ويندا، زائرين جي انگ ۾ آهستي آهستي واڌ ڪئي ويندي. هوڏانهن سعودي عرب ۾ نماز جي وقتن ۾ دڪان ۽ ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي. اختيارين موجب ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي شهرين کي انتظار کان بچائڻ لاءِ دڪان کليل رکيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.