مقصودي ۾ حادثي جو زخمي علاج نه ٿيڻ سبب تڙپندو رهيو

مقصودو رند (ن ع آ ) مقصودو رند  ۾ نوابشاھ شھدادپور روڊ تي ڪار شربت وڪرو ڪندڙ نوجوان فرمان علي رند کي ٽڪر ھنيو جنھن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو پوليس زخمي کي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران بي يارو مدد گار ڇڏي ھلي وئي ٻي طرف زخمي جي ڀاءُ پيار علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي زخمي نوجوان کي مقصودو  رند پوليس بي يارو مدد گار بند پيل بيسڪ ھيلٿ سينٽر  اڳيان ڦٽو ڪري وئي جڏھن تہ بيسڪ ھيلٿ سينٽر ۾ آچر جي موڪل ھئڻ ڪري ڊاڪٽر نہ ھئا جنھن سبب نوجوان تڙپندو رھيو بعد ۾  اسان پنھجي زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪرايو پوليس جو اھو  عمل انتھائي افسوسناڪ آهي. جڏھن ته اسان ٿاڻي تي نوجوان بابت پڇا ڪرڻ  وياسين ته پوليس اسان سان اڻ ڍنگو رويو اختيار ڪيو ۽ پوليس اھلڪار فون تي ڳالهائڻ ۾ مصروف ھئا اسان کي موٽائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.