افغانستان ۾ باهه ڀڙڪي سگهي ٿي

يوسف سيف

افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ڪيترن کي منجهائي ڇڏيو آهي. آمريڪا جي افغانستان مان نيڪالي جنهن طريقي سان ٿي آهي، ان ڪيترائي اڻ نبريل سوال پٺيان ڇڏيا آهن. خطي جي سمورن اهم ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو موقف هو ته آمريڪا افغانستان مان پنهنجون فوجون ڪڍي وڃي، پر جڏهن آمريڪا عملي طور ائين ڪري رهيو آهي ته روس سميت اهي ملڪ ان عمل تي گهڻو پريشان آهن. شايد ان جو سبب اهو آهي جو،  آمريڪا اهڙي نوعيت جي وڏي فيصلي ڪرڻ وقت افغانستان ۾ اهڙو خلا ڇڏيو آهي جنهن سوين سوال پئدا ڪيا آهن.

ويهن ورهين جي جنگ ۾ وڏو ناڻو ۽ وقت سيڙائڻ کانپوءِ به نتيجو اهڙو نه نڪتو آهي، جنهن کي آمريڪا جي فتح يا سوڀ سان ڀيٽي سگهجي. ان جي ابتڙ آمريڪي ڪاهه جي نتيجي ۾ اقتدار کان ڌار ڪيل ڌر طالبان کي عالمي توڙي مقامي سطح تي اخلاقي فتح حاصل ٿي آهي. ايتري تائين جو جنهن رفتار سان طالبان اڳڀرائي ڪري رهيا آهن ان مان صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اشرف غني حڪومت اڄ نه ته سڀاڻ ضرور ڊهي ويندي.

آمريڪي ترجيحات ۽ اوليتون پنهنجي جاءِ تي پر افغانستان ۾ سڀاڻي ڪهڙي به صورتحال ٺهي ٿي. ان جا پاڙيسري ملڪن توڙي ڏکڻ ايشيا تي گهرا اثر پوڻا آهن. تيز رفتاري سان افغانستان جي بدلجندڙ حالت ڪنهن طرف ڇنڊي ڇڻي رڪجي ته پاڙيسري ملڪ ان موجب پنهنجي پوزيشن واضح ڪن. جيتوڻيڪ ان عبوري وقت ۾ به پاڙيسري ملڪ افغانستان جي حوالي سان پنهنجي اثر کي وڌائڻ لاءِ سرگرم آهن پر اڃا مونجهارا گهڻا آهن.

افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ چين، پاڪستان، هندستان، ايران، ترڪي ۽ روس شامل آهن. هاڻوڪي حالتن جي پاڙ اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ آيل تبديلي سان جڙيل آهي. تڏهوڪي اقتدار ۾ آيل ڌر جي دعوت تي ان وقت جي سوويت يونين جون فوجون داخل ٿيون هيون. جيڪي 1988ع ۾ ٿيل جنيوا ٺاهه کانپوءِ 1989ع ۾ افغانستان کان نڪري ويون. ان وقت کان وٺي گهرو ويڙهه ۾ ڦاٿل افغانستان اڃا تائين جان نه ڇڏائي سگهيو آهي.

اهڙو ٻيو ورجاءَ اهو ٿيو ته، سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا افغانستان ۾ داخل ٿيو، جيڪو 29 فيبروري 2020ع تي قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ طالبان-آمريڪا وچ ۾ سڌين ڳالهين ۾ پهرين مئي 2021ع تي آمريڪي فوج جي واپسي جو فيصلو ٿيو.

دوها ٺاهه وقت آمريڪي صدر ٽرمپ هو ۽ 2021ع ۾ آمريڪي  صدارت تي جوبائيڊن فائز ٿيو، جنهن ٽرمپ جي ڪيل دوها ٺاهه کي ”خراب ڊيل“ قرار ڏنو هو. ان ئي وري آمريڪي فوج جي افغانستان مان نيڪالي جي تاريخ 9 جولاءِ ڏني هئي، هن اعلان ڪيو ته 31 آگسٽ تائين آمريڪي فوج جي واپسي جو عمل مڪمل ٿي ويندو، جنهن کي ٻيهر وڌائي 11 سيپٽمبر مقرر ڪيو ويو هو، پر ان کان پهرين ئي جنهن وائڙي طريقي سان آمريڪي فوج اونداهي رات ۾ فوجي اڏي جي بجلي بند ڪري نڪتي اهو گهڻو پراسرار هو.

2001ع کان پوءِ جڏهن طالبان خلاف آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جون ڪارروايون شروع ٿيون تڏهن اقتدار تان لاٿل ڌر طالبان سان پاڪستان جا ويجها لاڳاپا هئا. هاڻي جڏهن آمريڪا افغانستان مان فوج واپس ڪڍي رهيو آهي ته انهن ئي طالبان سان پاڪستان کانسواءِ باقي ملڪن چين، روس، هندستان، ايران، ازبڪستان ۽ ترڪي جا سٺا لاڳاپا آهن.

طالبان آمريڪا ويڙهه دوران افغانستان جا پاڙيسري ملڪ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح طالبان سان رابطي ۾ رهيا. روس، ايران ۽ چين ٿورو اڳيان وڌي طالبان جي مدد ڪئي. باقي ملڪن وري پنهنجي مفادن تي ڏي وٺ ڪئي. انهن ڳالهين، اهڙن رابطن مان اهو تاثر وٺي سگهجي ٿوته طالبان سان رابطا رکندڙ، سندن مدد ڪندڙ ملڪ، طالبان کي تسليم ڪري رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن سڀاڻي طالبان اقتدار تائين پهچن ٿا ته پوءِ طالبان سان ويجها لاڳاپا رکندڙ ملڪ سندن حڪومت ۽ سياسي پوزيشن کي تسليم ڪندا؟ سفارتي لاڳاپا قائم ڪندا.؟

روس کي به آمريڪا جيان انتها پسند دهشتگردن جي وڌڻ جو خطرو رهيو آهي، طالبان يا انتها پسند ماضي ۾ روس جا دشمن رهيا آهن پر هن وقت اهي هڪ ٻئي جو خيال رکندڙ دوست آهن. طالبان واضح ڪري رهيا آهن ته اهي پنهنجي زمين تي ڪنهن کي دهشتگردي پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيندا. چين، افغانستان ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي ڦهليل آهي، سيڙپ ڪري رهيو آهي، جنهن جا سڌا مفاد جڙي ويا آهن. چين طالبان کي هندستان خلاف استعمال ڪرڻ جي به خواهش رکندو هوندو.

هندستان جا به طالبان سان رابطا آهن ۽ خطي جي اهم ملڪ هئڻ ڪري هو به طالبان مان هٿ ڪڍڻ نه چاهيندو. ترڪي، ايران ۽ پاڪستان جا پڻ اهڙي نوعيت جا لاڳاپا رهيا آهن، جن ۾ سردي گرمي به هلندي رهي آهي. ايران ۽ پاڪستان افغانستان جي اهم پاڙيسري هئڻ جي ناتي ان جو وڌيڪ نقصان ۽ بار به کڻندا رهيا آهن.

سمجهيو اهو پيو وڃي ته طالبان کي افغانستان جو اقتدار سونپيو ويندو، پر اهو ايترو به آسان نه آهي. وڏن طاقتور ملڪن وچ ۾ موجود گهرو ويڙهه ۾ ڦاٿل، غريب ملڪ ايتري سهولت سان انتهاپسندن جي حوالي ٿئي، جن جي ماضي جي حڪومتي طور طريقن تي سموري دنيا کي ڳڻتي رهي آهي. اها ڳالهه هضم ٿيڻ جهڙي نه آهي. اهو ڏکيو هوندو. ان جو هڪڙو ڌرين جي قبوليت جوڳو حل، اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ سنجيده ڳالهيون آهن، جن ۾ قبائلي سردارن، ويڙهاڪ ڌڙن، طالبان، سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ ويهي ڳالهين سان معاملا نبيرڻ ۽ هر ڪنهن جي حيثيت موجب کيس سياسي ميدان، حڪومتي ڍانچي ۾ جاءِ ڏيڻ سهپ سان ڪم هلائڻ جي ضرورت آهي.

ماضي وانگر جيڪڏهن ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پيون، نبيرو نه ٿي سگهيو ته ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڃي سگهي ٿو. جنهن جو نتيجو اڳي کان وڌيڪ خراب نڪرندو. اهڙي ڪابه حرڪت ملڪ کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندي، جنهن کان پاڙيسري به محفوظ نه رهندا. ماضي ۾ طالبان توڙي افغانستان ۾ پاڪستان جو وڏو اثر رهيو آهي، پر ڪجهه وقت کان طالبان سميت اشرف غني سرڪار به پاڪستان کي شڪ جي نظر سان ڏسي رهيا آهن. ان جو وڏو سبب شايد طالبان کي خطي ۾ وڌيڪ اهميت ملڻ ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان جي والي وارثن جي حڪمت عملي ته ظاهر نه پئي ٿئي باقي حڪومت جي اهم عهديدارن جون افغانستان بابت ڳالهيون ٻڌي عوام ۽ کي ڪا گهڻي اميد نظر پئي اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.