وزيراعظم آزاد اليڪشن ڪميشن چئلينج ڪيو آهي; مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم آزاد اليڪشن ڪميشن چئلينج ڪيو آهي، جنهن کي اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير مان نڪرڻ جو حڪم ڏنوهو هن کي وزيراعظم عمران خان هيلي ڪاپٽر تي ويهاري آزاد ڪشمر وٺي آيو، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته امين گنڊا پور جي تقرير تي پابندي مڙهي وئي هئي پر باغ جلسي عمران هن گڏ وٺي آيو، ن ليگ ترجمان وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جتي پي ٽي آءِ جا نوٽ نه هليا ته انهن اتي گولي هلائي آهي ۽ هاڻ اليڪشن ڪميشن کي چئلينج پيا ڪن، عمران خان قانوني حڪم جي خلاف ورزي ڪري اليڪشن ڪميشن چئلينج ڪيو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير 16 جولائي تي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي هئي ته ڪشمير مامري جي وفاقي وزير علي امين گنڊا پور  جو تقريون امن ۾ خلل جو خدشو آهن، انڪري ان کي آزاد ڪشمير مان ڪڍيو وڃي. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن پاران علي امين گنڊا پور تي جلسي جلوسن ۾ سرڪت ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي هئي، جڏهن ته باغ جي علائقي ۾ ڪوٺايل جلسي ۾ وزيراعظم عمران خان هن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو، جلسي سان خطاب بعد هو چونڊ مهم ڇڏي پاڪستان روانو ٿي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.