ٽنڊي محمد خان ۾ عيني بلوچ جي قتل خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ قرت العين عرف عيني  بلوچ جي ظالماڻه قتل واري واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي وارثن وقار علي ڀٽي ،
صوفي حامد سنڌي ، ظهور هاليپوٽو ، ذيشان ڀٽي ۽ ٻين چيو ته جوابدار عمر ميمڻ پنھنجي زال عيني بلوچ کي سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جيڪا انسانيت جي کليل لتاڙ آهي ، پوليس پاران جوابدار کي مھمان طور ٿاڻي ۾ ويھاري ان جي  وي آءِ پي طور خدمت ڪئي پئي وڃي ، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قرت العين عرف عيني بلوچ جي معصوم ٻارن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدار عمر ميمڻ کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.