ھوسڙي ۾ ناري يرغمال، مبينا اجتمائي لڄالٽ، 2جوابدار گرفتار

ھوسڙي  (رپوٽ: روشن علي شورو) ھوسڙي  ٿاڻي جي حد نيو علي اصغرآباد ڪالوني جي رھواسڻ ناري (ڪ) ڌي (ج) واگڙي صحافين کي ٻڌايو ته روشن ٺاڪر جي چوڻ تي گھر کان ٻاھر پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ نڪتيس، روڊ تي اڪيلو ڏسي دعا پنچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ عظيم ھاليپوٽو،  رزاق خاصخيلي ۽ 3 اڻڄاتل ماڻهو دڪان تي وٺي آيا، جتي اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، ڏاڍائي جو نشانو بڻيل ناري (ڪ)واگڙي وڌيڪ چيو  ته آئون روشن ٺاڪر انتظار ۾ بيٺل هئس ته يرغمال ڪري ايم واءِ پيٽرول پمپ تي قائم پنگچر جي دڪان زبردستي وٺي ويا ۽ ڏاڍائي ڪئي وئي، ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي اي  ايس  آءِ  پي امام الدين ٻڌايو  ته پيٽرول پمپ جي سي سي ٽي وي وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته ڇوڪري پاڻ انھن وٽ آئي آهي ۽ انهن سان ڪچھري ڪري پئي ھن چيو ته گھر کان نڪتل ناري جا مائٽ ناري جي ڳولھا ڪندي پمپ تي پھتا ته ڇوڪري ساڻس ڏاڍائي ٿيڻ جو چيو، ناري جي وارثن کي ان وقت ئي ناري جي ميڊڪل لاءِ ليٽر ڏنو آھي، ناري جي مائيٽن  اڃان تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي آھي جيڪڏهن ڪيس داخل ڪرايو ته ان جي سڀني رخن سان جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.