ڪراچي ۾ پ پ جي علي امين گنڊاپور خلاف ريلي، ڌرڻو

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف پيپلزپارٽيڊسٽرڪٽ سائوٿ صدر خليل ھوت جي اڳواڻي ۾ لياري کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاجي مظاهري کي پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ سائوٿ صدر خليل ھوت ٻين پارٽي ڪارڪنن مردن توڙي عورتن خطاب ڪندي چيو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف جيڪا ٻولي ڳالهائي آهي ان جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ڪيون ٿا پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ سائوٿ صدر خليل ھوت چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي ايٽم ڏيڻ ۽ انڊيا ۾ قيد 90 هزار فوجي آزاد ڪرائڻ غداري آهي ته اسان سڀ غدار آهيون علي امين گنڊاپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار چئي پنهنجي پارٽي اندر پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي وفاقي وزير امين گنڊاپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف چيل الفاظ واپس نه ورتا ۽ معافي نه ورتي ته اسان لياري وارا اسلام آباد تائين احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، احتجاجي مظاھري ۾ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاجي مظاهري ۾ پارٽي ڪارڪنن مرد توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.