ميرپورخاص ۾ لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورپورٽ) حيسڪو جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ۽ مرمت نه ڪرڻ خلاف سوين شهري ڏنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا، حيسڪو خلاف احتجاجي ظاهرو ڌرڻو ٽائرن کان باهيون. روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل، ميرپورخاص عمرڪوٽ تي سوين گاڏيون بيهجي ويون. تفصيل موجب حيسڪو ميرپورخاص پاران گذريل 15 ڏينهن کان جاري هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سخت گرمي ۾ عذاب ۾ ورتل عوام جو صبر جواب ڏيئي ويو، حيسڪو کان تنگ سوين رهواسي ڏنڊا کي روڊ تي نڪري آيا، مڇريل رهواسين ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ڀٽي هوٽل لڳ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وڃڻ سبب گاڏين جو ڊگھيون قطارون لڳي ويون، مڇريل رهواسين حيسڪو عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي مظاهرو ڪندڙن دانهيندي چيو ته ملڪ رياض ڪالوني سميت مختلف علائقن جا ٽرانسفارمر گذريل هڪ هفتي کان سڙيل آهن حيسڪو جا ملازم ٽرانسفارمرن جي مرمت ۽ تبديلي لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٽراسفارمر مرمت ۽ تبديل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو اٿن جنهن جون شڪايتون حيسڪو جي عملدارن کي ڪرڻ جي باوجود ڪنهن جي به ڪنن تي جون نه چري رهي آهي هڪ هفتي کان علائقي ۾ لائٽ نه هجڻ جي ڪري گھرن ۽ مسجدن ۾ پيئڻ ۽ وضو ڪرڻ جو پاڻي به موجود نه آهي سخت گرمي ۾ رهواسي سخت پريشان آهن جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪيل حيسڪو خلاف مظاهرن ۾ رهواسين دانهيندي چيو ته حيسڪو غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ڏينهن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي جاري لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت عذاب ۾ ورتل آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري شهر مان غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻيصورت ۾ حيسڪو جي ڪامورن جو آفيس ۽ گھرن تي وڃي گھيرائو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.