پ پ سنڌ ۾ انتقامي ڪارروايون پئي ڪري: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر ) اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ سنڌ اسمبلي اپوزيشن ليڊر آفيس ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جي عوام گذريل اليڪشن ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو هو هاڻي ٻيهر ڪراچي سان راند ڪرڻ لاءِ ضد ڪري رهيو آهي، مرتضيٰ وهاب کي اسان ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ نه ڏينداسين سموري بجيٽ ايڊمنسٽريٽر جي هٿ ۾ هوندو آهي جنهن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي پلان جوڙيو آهي، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام تباهه آهي صوبائي وزير تعليم سعيد غني ڪمشير فتح ڪرڻ لاءِ مشن تي نڪتل آهي پ پ جي ڪيترائي وزير توڙي اڳواڻ سنڌ جي عوام جو چوري ٿيل پئسو بئگن ۾ ڀري ڪشمير پهتل آهن، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي بي روزگار نوجوانن لاءِ آيل نوڪريون وڪرو ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي پلان جوڙي آهي، هڪ گريڊ کان چار گريڊ تائين ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن اسان انهي ڦرلٽ خلاف ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهن ڪنهن غريب جو حق کسجڻ نه ڏينداسين. حليم عادل شيخ چيو ته مرتضيٰ جتوئي جي اسان سان ملاقات ٿي هئي جنهن بعد ان جي اوطاق تي حملو ڪرايو ويو، عبدالغفار ڏهراج جي منشي کي قتل ڪرايو ويو ۽ عبدالغفار ڏهراج کي اسپتال مان گرفتار ڪرايو ويو، پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ زمين پيرن مان نڪرندي نظر اچي رهي آهي جنهن جي ڪري مخالفن کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو پيو وڃي. گذريل ڏينهن لاڙڪاڻه ۾ هڪ سياسي ملاقات ٿي جنهن پيپلزپارٽي کان بيزار سياستدان شريڪ هئا، سنڌ جو عوام به پيپلزپارٽي مان بيزار ٿي چڪو آهي 13 سالن ٿي چڪا آهن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ عوام کي ڪي بنيادي سهولتون ناهن ڏنيون. 03

سردار رحيم پاران ممتاز ڀٽي ۽ فائزا سبزواري جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي  (رپورٽر )پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير،گورنر ،سينئير سياستدان سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراھ سردار ممتاز علي ڀٽو ،فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فائزه سبزواري جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ء صدمي جو اظھار ڪندي،وارثن سان تعزيت ڪئي آھي،پنھنجي جاري تعزيتي بيان م سردار عبدالرحيم دعا ڪئي ت الله تبارڪ و تعالي مرحوم ء مرحومه جا درجا بلند فرمائي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.