ايف پي بند کي گهارو، وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، ڪاڇي واسين جي واهر نه ٿي

جوهي/ ڇني/ ڊرگهه بالا( نمائندا) نين گاج جون تباه ڪاريون وڌڻ لڳيون . ڇني ويجهو  ايف پي بند کي لڳل روڻ گهاري ۾ تبديل ٿي وئي . آر ڊي پنجاه وٽ لڳل روڻ انتظامينااهلي سبب گهاري جي شڪل اختيار ڪري ويو . واهڻ وليج مولوي نور محمد رودناڻي . علي جمالي شاه محمد رودناڻي سميت سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا .ٽي ڏينھن اڳ ڪاڇي ۽ کيرٿر جبلن مٿان تيز برسات پوڻ سبب نئين گاج 25 فوٽ وھي اچڻ ڪري نئين گاج جي پاڻي ڪاڇي ۾ ڳوٺن ۽ فصلن کي نقصان ڏنو جنھن سبب روڊ رستا تباھ ٿي ويا گاج بند ٽٽل ھئڻ ڪري پاڻي جو رخ ڊرگھ بالا جي پاسي ڪيترائي ڳوٺ  جعفر خان لنڊ سڄڻ پئي شڪلاڻي لنڊ محمد حسن گرماڻي ننگر داريو  مسو روستماڻي رحيم خان لغاري  ڪيٽي سجاول راڄوڳنڊو  ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي گھيري ۾ آندو جتان ڳوٺاڻان پنھنجي مدد پاڻ تحت محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيا پر ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود حاجي خان ڊرگهھ بالا جوھي روڊ ھنڌان ھنڌان ٽٽي وڃڻ ڪري علائقي واسين جو دادو جوھي کان رابطو ڪٽيل آھي جنھن سبب علائقي ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي بيمار ماڻھو سخت پريشان آھن. راشن کڻي ويندڙن جي ٻيڙي لڳل کنڊ وٽان گذرڻ دوران پاڻي جو دٻاء وڌي وڃڻ جي نتيجي ۾اونڌي ٿي پئي جنهن دوران چار ڳوٺاڻا ارباب , شاھ حمد ,عارف , شير محمد رودناڻي پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳا رڙين تي ڳوٺاڻن ٻڏڻ کان بچائي ورتو ٻئي طرف ڪمشنر حيدراباد نئن گاج جي ٻوڏ متاثرين علائقن جو دورو ڪرڻ بجاء ايف پي بند جي تفريح ڪرڻ بعد روانو ٿي ويو ھوڏانهن ٻوڏ متاثرين ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هيو آھي ته گاج بند ٽٽل تير ڀت جا لڳل سوين فٽ کنڊ نه ٻڌجڻ ڪري ڪاڇو سداين نئن گاج جي قيامت خيز ٻوڏ جي منهن ۾ تباه ٿي ويو آھي  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.