نفرت جي سياست ختم، متحده، جماعت اسلامي ۽ پي ايس پي افغانين کي روڪڻ لاءِ ساٿ ڏين;سنڌ سرڪار

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ سرڪار افغانين جي يلغار روڪڻ لاءِ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي کي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ناصر شاهه چيو آهي ته  خواجا اظهار بدبودار ڳالهيون ڪيون، هنن جي پڇ تي لت رکي آھي، ٻورين ۾ بند لاشن جو وقت گذري چڪو آهي.  سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه يوسي 28 بلال ٽائون اولهه ضلعي ۾ فزيڪل ۽ ڊجيٽل لائبرري جو افتتاح ڪري پبلڪ لائبرري ان ايڇ يونين ڪائونسل پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ايم پي اي لياقت آسڪاڻي، پيپلز پارٽي ضلعي اولهه جو جنرل سيڪريٽري علي احمد جان، سيڪريٽري سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ضميرعباسي، ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ڪراچي ذاڪر حسين راڌڻ ۽ ٻيا موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سموري صوبي لاءِ پبلڪ لائبريرين ۽ ڊجيٽل لائبررين جي پروگرام جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته هر يونين ڪائونسل ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لائبرري قائم ڪئي وڃي، سموري صوبي ۾ 1526 يونين ڪائونسلز ۾ لائبرريون يونين ڪائونسلز جي فنڊز مان قائم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ بلدياتي ادارن جي لائبررين کي بهتر ڪيو پيو وڃي، جن سان نوجوانن جو ڪتابن طرف لاڙو وڌندو  ۽ انھن کي نيون راهو ڳولڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اولهه ضلعي ۾ اسان جو ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ناھي ، پر اسان لائبريري پروگرام جي شروعات يوسي 28 بلال ٽائون مان ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي بنا فرق جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ضلعي جي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ نوڪريون يونين ڪائونسل سطح تي ڏنيون وينديون، ٻاهران ڪو به نه ايندو صرف مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به اتحاد کان ناھي  گهٻرائيندي . اهي ماڻهو آزمايل آهن. اتحاد جو ٺهڻ اسان جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. سياسي طور تي اهي سڀ پيپلز پارٽي خلاف چونڊون وڙهندا رهياآهن. باءِ اليڪشن ۾ به گڏ هئا. بدين جي تازي ننڍي چونڊن ۾ سڀ گڏ هئا ۽ پيپلز پارٽي انهن کي بدترين شڪست ڏني. هن چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندا سين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيوته خواجه اظهار گذريل ڏينهن بدبودار ڳالهيون ڪيون آهن، هنن کي تڪليف آهي، ڪنھن انھن جي پڇ تي لت رکي آھي . ھن چيو ته هاڻي داٻي، ڌانڌلي واري سياست نه هلندي. ٻورين ۾ بند لاشن جو وقت گذري چڪو آهي. ڊسٽرڪٽ سينٽرل جي ڊي سي ڪروڙين روپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا، اسان جا آفيسر همٿ کان ڪم وٺن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نفرت جي سياست ناهي ڪندي. اردو ڳالهائيندڙ اسان لاءِ اها ئي اهميت رکن ٿا جيڪي سنڌي ، بلوچي ڳالهائيندڙ رکن ٿا. افغانستان جي صورتحال تي هن چيو ته افغانستان ۾ خطرناڪ حالتون آهن. ڪراچي تي هڪ دفعو ٻيهر افغان پناهگيرن جي يلغار ٿيڻ واري آهي، ايم ڪيو ايم، پي ايس پي، جماعت اسلامي کي چوان ٿو ته اچن ۽  گڏجي ڳالهيون ڪن ته ان يلغار  کي ڪيئن روڪجي. هي ڪراچي جو اهم مسئلو آهي. مردم شماري جي معاملي تي ته هو پوئتي هٽي ويا پر افغان پناهگيرن جي دٻاء کي روڪڻ لاءِ ڪراچي جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي حڪمت عملي جوڙين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.