ڪورونا سبب وڌيڪ 21 مريض فوت،2607 نوان ڪيس

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ويجهو ايندي ئي هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي،  24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2607 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 48 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2607 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 989.275 ٿي وئي آهي. جن مان 919.163 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 21 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 22 هزار 781 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 5.34 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.